اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊا??ٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته انشاءَ الله ڪشمير بڻجندو پاڪستان جو نعرو حقيقت جو روپ اختيار ڪندو، وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جي ترجمان، سفير ۽ وڪيل جو ڪردار ادا ??ري رهيو آهي، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڪشمير کانسواءِ پاڪستان جو وجود اڻ مڪمل آهي. اها ڳالهه هن والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي نيشنل پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک هڙتا??ي ڪئمپ کي خطاب ڪندي چئي.