اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ پاڪستان ۾ ما??ولياتي ۽ موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ نقصانن جي ازالي ل??ءِ هڪ جامع حڪمت عملي واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان ۾ ما??ويلياتي ۽ موسمياتي تبديلين ۽ ترقيءَ جي باري ۾ جاري ڪيل هاڻوڪي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال جي گرمي جي شديد لهر ۽ تباهه ڪُن ٻوڏ سان ان حقيقت جي عڪاسي ٿي ريه آهي ته موسمياتي تبديلين سان ٿيل آفتن پاڪستان جي ترقياتي عزم ۽ غربت کي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ رنڊڪ وجهي رهي آهي. رپورٽ مطابق هاڻوڪي ٻوڏ سان 1700 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون جڏهن ته 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. ٻوڏ سان بنيادي ڍانچي، ملڪيتن، فصلن ۽ چوپائي مال کي تمام گهڻو نقصان پهتو. پاڪستان ۽ انهن جي عالمي شراڪتدارن جي هڪ محتاط ڪاٿي مطابق ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ پائيدار ترقي ۽ غربت جي خاتمي ل??ءِ موسمياتي تبديلي ۽ ما??ولياتي لحاظ ک??ن موزون بنيادي ڍانچي جي جوڙجڪ ل??ءِ خاطرخواه سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي، ??ن مد ۾ پاڪستان جي عالمي سهڪار جي ضرورت هوندي. ڏکڻ ايشيا ل??ءِ عالمي بئنڪ جي نائب صدر ما??ٽن ريزر ٻُڌايو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب پيا ٿيندڙ انساني بحر??ن موسمياتي تبديلين جي ڪارڻ پاڪستاني عوام ۽ معيشت کي وڌيڪ نقصان کان روڪڻ ل??ءِ فوري ڪارروائيءَ جي سلسلي ۾ هڪ وارننگ آهي. عالمي بئنڪ جي رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي ۽ ما??ولياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ ل??ءِ خوراڪ ۽ـ زراعت جي نظام ۾ ايٽمي تبديليون، موسمياتي ۽ ما??ولياتي لحاظ ک??ن موزون بنيادي ڍانچي ۽ شهرن جي تعمير، پائيدار ۽ ما??ول دوست توانائي، پائيدار ۽ منصفاڻي ترقي ۽ ما??ويلاتي لچڪ ل??ءِ انساني سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، ما??ولياتي تبديلين کي مُنهن ل??ءِ قدمن ۾ تيزي آڻڻ ل??ءِ پاليسين ۾ تبديلي، مراعتن ۽ ملڪن ۾ سڌيءَ ريت ۽ نجي عالمي سيڙپڪارن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي.