اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسرائيل کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نٿا ڪري سگهون، مون کي ان ڳالهه جي ضمير اجازت نه ڏيندو جيڪڏهن اسرائيل کي تسليم ڪيوسين ته پوءِ ڪشمير معاملي تي ??ودي جي به ڳالهه مڃڻي پوندي، ڪراچي ۾ بنڊل آئي لينڊ تي ??ئون شهر اڏي رهيا آهيون، ڪراچي جي حوالي ??ان گهڻو ڪجهه ڪنداسين، ان حوالي ??ان سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس به ڪيو آهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبا خودمختيار آهن، وڏن شهرن کي ميٽرو پوليٽن سٽي ٺاهي اختيار ڏيڻا پوندا، سعودي عرب ??ان لاڳاپا جيئين جو تئين موجود آهي، سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ ا??ان جو ساٿ ڏنو آهي، پنجاب مان کنڊ کڻي سنڌ ۾ گڏ ڪئي پئي وڃي ڇو ته اتي ا??ان جي حڪومت نه آهي، جهانگير ترين جو فيصلو ادارا ڪندا، هن منهنجو 8 سال سڀ کان وڌيڪ ساٿ ڏنو پر کنڊ بحران ۾ سندس نالو اچڻ تي ??ون کي ڏک پهتو، حڪومت جا ٻه سال منهنجي جدوجهد جا سڀ کان مشڪل سال آهن، مخالف ڌر اين آر او وٺڻ لاءِ مون تي تنقيد ڪري ٿي، مخالف ڌر چاهي ٿي ته نيب کي ختم ڪيو وڃي، مريم نواز پيشي تي اچي ٿي ته پٿر هنيا وڃن ٿا، گهڻا پاڻ کي نيسلن منڊيلا سمجهن ٿا، ا??ان اميراڻي ڪلچر جو خاتمو ڪيو آهي، عثمان بوزدار تي شراب جي لائسنس جو ڪيس ٺاهڻ کل جوڳي ڳالهه آهي، هر هنڌ مافيائون ويٺل آهن، انهن ??ان مقابلو ڪرڻ منهنجو مشن آهي ڇا به ٿي پوي انهن کي نه ڇڏيندس، شوگر مل ايسوسيئشن وارن واجد ضياءُ ۽ ايف آءِ اي کي ڌمڪي ڏني، ا??ان ايف آءِ اي کي مضبوط ڪري رهيا آهيون، ڪورونا مان بچي نڪرڻ تي به بل ??يٽ?? به پڇي رهيو آهي ته ا??ان اهو ڪيئن ڪيو هو ان حوالي ??ان تحقيق ڪرڻ چاهي ٿو، هڪ نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته منهنجي سڄي زندگي جدوجهد ۾ گذري آهي، آئون جڏهن 9 سالن جو هئس ته مون ٽيسٽ ڪرڪيٽر بڻجڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي، منهنجي سڄي سياست وڏي جدوجهد مان گذري آهي، ڇو ته مون کي پاڪستان جي سياست جي باري ۾ پتو نه هو ڇو جو آئون ٻاهران آيو هئس ۽ هتي ??ه پارٽي نظام هلندڙ هو، هن چيو ته مسلسل جدوجهد جي ڪري مون کي لاهن چاڙهن کان خوف ناهي ٿيندو جنهن جي ڪري آئون هر چئلينج جو مقابلو ڪري ويندو آهي، وزيراعظم چيو ته اصغر خان ۽ اي ڪيو خان وڏا ماڻهو هئا انهن پارٽيون ٺاهيون پر لاهن چاڙهن جي ڪري اهي اڳتي ??ڌي نه سگهيا، هن چيو ته منهنجي ٻن سالن جي حڪومت جو دور سڀ کان مشڪل جدوجهد آهي، وزيراعظم چيو ته ا??ان جڏهن اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ ان وقت ڪيترن ئي خسارن ۾ ورتل هو، ڏيوالو نڪرڻ تي ??و، ٻاهرين قرضن کي ڏيڻ لاءِ پئسا نه هئا، هڪ هنڌ تباهي نه هئي جو آئون اتي ڌيان ڏيان ها، هتي ته هر طرف تباهي هئي، مون کي پي آءِ اي، توانائي جي شعبي ٻين شعبن جو پتو هو، ان لاءِ ا??ان ڪوششون ورتيون هر ادارو تباهه هو مون کي پهرين ملڪ جو رخ تبديل ڪرڻو هو ۽ ملڪ کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ واري رستي تي ??جهي ڇڏيو آهي ۽ اها فلاحي ريا??ت مديني جي رياست آهي، هن چيو ته هاڻي ا??ان ٻارن کي مديني جي رياست ۽ نبي صه جي زندگي بابت تعليمي نصاب ۾ پڙهائينداسين، هن چيو ته اڳ ۾ بادشاهت هوندي هئي جنهن ۾ رڳو وڏن ماڻهن جا ٻار تعليم پرائيندا هئا پوءِ جمهوريت آئي ته پئسا هيٺ منتقل ٿيڻ شروع ٿيا، پر مديني جي رياست ۾ زڪوات جو نظام شروع ٿيو جنهن ۾ اميرن کان پئسا وٺي غريبن کي ڏيڻ شروع ٿيا هن چيو ته جيڪڏهن ا??ان کي ملڪ کي فلاحي رياست بڻائڻو آهي ته پوءِ ا??ان کي علامه اقبال جي ماڊل طرف وڃڻو پوندو، هن چيو ته هتي امير ٽيڪس نٿا ڏين، شگر ڪارٽيل سميت ڪيتريون ئي مافيائون آهن، هن چيو ته ا??ان احساس پروگرام آندو ۽ ان حوالي ??ان چين مان گهڻو پرايو جو هن 70 ڪروڙ ماڻهن کي غريب جي لڪير کان ٻاهر آندو.