اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن پي ٽي وي سميت قومي ادارن کي سياسي ڀرتيون ڪري تباهه ڪيو آهي، اسان سڀني قومي ادارن کي سڌارن جي ذريعي ترقي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. تحريڪ انصاف پي ٽي وي ۾ هڪ به ڀرتي نه ڪئي، ٽي وي چئنلن جي مالڪن سان طئي ٿيل فارمول?? تحت انهن جي رهتن جي باقي رقم به ايندڙ هڪ هفتي ۾ ادا ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران چوڌري محمد برجيس طاهر جي سوال جي جواب ۾ اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ميڊيا جي بقايائن جي حوالي سان ٽن قسمن جا بل هئا جنهن ۾ پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ جي دور جي ٻن سالن جي بلن بابت مالڪن سان ڳالهيون ٿيون آهن، اسان آخري ٻن سالن جي بلن جي ادائيگي جو فيصلو ڪيو، ڪل رقم هڪ ارب 15 ڪ??وڙ روپيا بڻجندي هئي جنهن مان اڌ ادا ڪئي وئي ۽ بقايا رقم ايندڙ هڪ هفتي ۾ ادا ڪئي ويندي، هن چيو ته علائقائي اخبارن کي اشتهارن جي فراهمي جي حوالي سان نئون ميڪنزم ٺاهيو پيو وڃي، جنهن جا تفصيل سامهون آندا ويندا.