اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪورونا سبب شاگردن جي تعليمي نقصان کان بچاءُ جي لاءِ يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادار?? ۾ ??ن لائن تعليم جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽيون مع??اري تعليم جي فروغ لاءِ تحقيق، جدت تي ٻڌل تعليم ۽ قومي ۽ عالمي يونيورسٽين سان رابطن ک?? فروغ ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلتستان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد نعيم خان جي وڊيو ل??ڪ ذريعي بريفنگ دوران ڪيو.