اسلام آبا?? – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگا?? ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته احساس ڪيش ايمرجنسي پروگرام وزيراعظم عمران خان جي غريب، مزدور ۽ پورهيت طبقي سان محبت ۽ احساس جو اظهار آهي، اهو پروگرام محروم طبقن جي معاشي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، هلندڙ هفتي حقدارن کي اها رقم ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو، مستحقين حصيداري بئنڪن مان رقم وصول ڪري سگهندا ان کانسواءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي اضافي ڪائونٽرز جو انتظام پڻ ڪري رهيا آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگا?? ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نئين پاڪستان جي ايجنڊا احساس ۽ عوام جي خدمت آهي، ڪيش پروگرام تحت 144 ارب رپيا 1 ڪروڙ 20 لک خاندانن ۾ و??هايا ويندا، مستحق خاندانن کي 12 ه??ار رپيا گڏ ادا ڪيا ويندا.