اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز چ??و آهي ته اسان سڀ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته عمران خان ايماندار شخص آ??ي ۽ سندس ڪو به ذاتي مفاد نه آ??ي ۽ نه ئي هن جي ڪنهن سان ڪا ذاتي دشمني آهي، نواز شريف پنهنجي بيماري کي پاڻ تڪراري بڻا??و آهي، سندس پارٽي ۾ به بيچيني پيدا ٿي وئي آهي، اسان جون ڪمزوريون ضرور آهن پر حڪومت ۾ ملڪ جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ آيا آهيون، ان ڳالهه کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ??يو ويندو ته ڪو ماڻهو پاڪستان جي جهنڊي ۽ رياست خلاف نعرو هڻي، جيڪڏهن ان ک?? روڪيو ويو ته ??هر?? ويڙهه ٿيندي، سڀني کي دعوت ڏيون ٿا ته پارليامينٽ ۾ اچي ڳالهائين، جيستائين ادارن ۾ سڌارا نه ايندا تيستائين ملڪ ترقي نه ??ري سگهندو، پاڪستان جلد ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪري ايندو. قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي هيڊڪوارٽر ۾ هڪ پينل انٽرويو ۾ هن چيو ته هر حڪومت جي خواهش هوندي آهي ته ان جي لاءِ سياسي ۽ سماجي مسئلا نه ٿين.