اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منشيات ۽ ٻارن تي ج??سي تشدد تمام وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي ۽ اهو پاڪستان جي لا??ِ شرمناڪ آهي، انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ ڪنهن هڪ اداري يا کاتي جو ڪم نه آهي پر والدين، استادن، عالمن سميت سڄي قوم کي گڏجي ان جي خلاف اٿڻو آهي ۽ پوري معاشري کي اها جنگ کٽڻي آهي. هو منشيات جي خاتمي لاءِ زندگي ايپلي ڪيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.