راولپنڊي-13 ڊسمبر (اي پي پي) سيڪيور??ي فورسز بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن ۾ 5 ڏينهن دوران دهشتگردن خلاف آپريشنز ۾ 43 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب 9 ڊسمبر 2024ع کان ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ سيڪيور??ي فورسز جي وڏي پيماني تي ڳجهي اطلاع جي ب??ياد تي ڪاررواين دوران 43 دهشتگرد مارجي ويا، جنه?? سان بلوچستان ۾ فتنه الخوارج ۽ ٻين دهشتگرد گروهن کي وڏو نقصان پهتو. 12 ۽ 13 ڊسمبر جي وچ واري رات سيڪيور??ي فورسز لڪي مروت ۾ هڪ ڳجهي اطلاع جي ب??ياد تي آپريشن ڪيو، جنهن ۾ فورسز خوارج جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 خوارجي مارجي ويا. 9 ڊسمبر 2024ع کان هن وقت تائين ڪي پي ڪي ۾ 18 خوارج ماريا ويا آهن. بلوچستان ۾ 13 ڊسمبر تي موسيٰ خيل ۽ پنجگور ضلعن ۾ ٻن ڌار ڳجهن اطلاعن تي آپريشنز دوران سيڪيور??ي فورسز شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 10 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. 9 ڊسمبر کان هن وقت تائين بلوچستان ۾ 25 دهشتگرد مارجي چڪا آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اهي آپريشنز ان وقت تائين جاري رهندا جيستائين علائقي ۾ مڪمل امن بحال نٿو ٿئي ۽ خوارجين جو مڪمل خاتمو نٿو ٿئي. پاڪستان جي سيڪيور??ي فورسز دهشتگرديءَ جي ناسور کي پاڙؤن پٽي اُڇلائڻ لاءِ پُرعزم آهي.