مينگوره– 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جا سڀئي وڏا ڌاڙيل گڏ ٿي ويا آهن ۽ اين آر او گهري رهيا آهن، اين آر او نه ملڻ تي هاڻي پاڪستان جي فوج ۽ عدليه تي حملا ڪري نئين گيم شروع ڪري ڇڏي آهي، فوج کي ڀڙڪائي رهيا آهن ان کان وڌي?? ملڪ دشمني ٻي ڪهڙي ٿي س??هي ٿي، نواز شريف گدڙن وانگر ٻاهر ويهي ??ال??يون ڪري رهيو آهي، ان جا پٽ به پئسو چورائي ٻاهر ويٺل آهن، ڌيءَ هتي فوج جي خلاف ??ال??ائي رهي آهي،عورت هجڻ جي ناطي احترام ڪريون ٿا ان لاءِ ڪجهه نه چئي رهيا آهيون، شريف ۽ زرد??ري کي اين ار او ڏئي ملڪ سان سڀ کان وڏو ظل?? ڪيو ويو، قانون جي بالادستي قائم ڪري پاڪستان کي رياست مدينه وانگر فلاحي رياست ٺاهيندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا ۾ سمورن شهرين کي صحت ڪارڊ فراهم ڪرڻ جي منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي مينگوره ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو.