اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمهوريه ڪوريا ۽ پاڪستان جي سفارت?? لاڳاپن جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي ملڪن جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جمهوريه ڪور??ا سان پنهنج?? لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. جمهوريه ڪوريا جي سفارتخاني پاران پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ سفارت?? لاڳاپن جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته جمهوريه ڪوريا پنهنجي دورانديش ۽ پرعزم قيا??ت جي ڪري اقتصادي ۽ صنعتي شعبن ۾ ترقي جا هدف حاصل ڪيا. هن چيو ته پاڪستان ڏکڻ ڪوريا کي ??قتصادي ۽ فني ترقي جي ڳولا ۾ هڪ قابل قدر اتحادي طور ڏسي ٿو. تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پرڏيهي سفارتڪارن سميت ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا جي 40 سالا سفارت?? لاڳاپن جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.