اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي گادي واري شهر بيج??گ ۾ پاڪستاني سفارتخاني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي ??ا 76 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪشمير جي حوالي سان ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي حوالي سان هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو. تقريب دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جا خصوصي پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. جن ۾ ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي م??لس?? سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي ڳانڍاپي ۽ حمايت کي اجاگر ڪيو ويو. ان موقعي تي چين جي ناليواري اسڪالر ۽ ڏکڻ ايشيا جي ماهر ڪيان فينگ به ??طا?? ڪيو. تقريب کي ??طا?? ڪندي ڊپٽي هيڊ آف مشن بلال محمود چوڌري چيو ته پاڪستان انهن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي جن گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني قبضي ??حت تمام گهڻو ظلم برداشت ڪيو آهي. هن ڪشميري عوام جي منصفاڻي مقصد جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ڀارت ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي. بلال محمود چوڌري عالمي برادري کان به مطالبو ڪيو ته اها ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل جي لاءِ پنهنجو صحيح ڪردار ادا ڪري. سفارتخاني ان موقعي تي هڪ تصويري نمائش جو به اهتمام ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ڏوهن کي ڏيکاريو ويو. ياد رهي ته 76 سال اڳ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت بنا ڪنهن قانوني جواز جي ڄمون ۽ ڪشمير جي رياست تي زبردستي قبضو ڪيو هو، ان کانپوءِ ڀارت ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب انهن جي خودمختياري واري حق کان م??لس?? انڪار ڪري رهيو آهي.