ڪوئيٽا-19 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي نگ??ان وڏي وزير مير علي مردان خان ڊومڪي سان تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگ??ان وفاقي وزير مدد علي سنڌي ملاقات ڪئي ۽ وفاقي حڪومت جي تعاون سان بلوچستان جي تعليمي ۽ فني تعليم جي مخصوص ادارن ۾ جاري پروگرامن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ا?? موقعي تي ناڻي ۽ روينيو وارو نگ??ان صوبائي وزير امجد رشيد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. مير علي مردان خان ڊومڪي تعليم واري وفاقي وزير طرفان صوبي ۾ جاري منصوبن کي ساراهيو، هن چ??و ته وفاقي حڪومت جي تعاون سان بلوچستان ۾ جديد فني تعليم جي ادارن کي فعال ڪنداسين، ان مقصد لاءِ عالمي ۽ قومي مارڪيٽ جي گهرج موجب تربيت يافته افرادي قوت پيدا ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ ادارن جي صلاحيت وڌائي ويندي ۽ فني تربيت جي فراهمي لاءِ قائم ادارن کي فعال بڻايو پيو وڃي، نگ??ان وڏي وزير چ??و ته موجوده دور جي گهرج?? موجب فني تعليمي ادارن جي معيار کي ڀروسي جوڳو بڻائي انهن ??ي ساک بهتر بڻائي وڃي ته جيئن لاڀائتا نتيجا حاصل ٿي سگهن. مير علي مردان ڊومڪي نگ??ان وفاقي وزير کي صوبائي حڪومت طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چ??و ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ تعليم جي بهتري ۽ فني تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وارا قدم ساراهه جوڳا آهن، وفاقي وزير مدد علي سنڌي ٻڌا??و ته وفاقي ادارن جي انتظامي معاملن ۾ بلوچستان سميت سمورن صوبن جي نمائندي يقيني بڻائي ويندي، نرسنگ ۽ ڪلچر لاءِ بلوچستان لاءِ 117 ملين روپيا رکيا ويا آهن ????ي وظيفا ميرٽ تي ورهايا ويندا. هن چ??و ته بلوچستان جي يونيورسٽين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ۽ يونيورسٽين جا جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن چ??و ته بلوچستان سميت چئني صوبن جي نگ??ان وزيرن تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڪميٽي تعليم ۽ فني تربيت بابت معاملن کي لاڀائتو بڻائيندي ۽ گڏيل مشاورت سان پاڪستان جي تعليمي نظام کي هڪ اهڙي رخ طرف وٺي ويندا جتي نوجوانن جي بهتر مستقبل جي ضمانت ثابت ٿئي، ا?? موقعي تي نگ??ان وڏي وزير، نگ??ان وفاقي وزير مدد علي سنڌي کي سوينئر پيش ڪيو جڏهن ??ه وفاقي وزير پنهنجي ڪتابن جو تحفو وڏي وزير کي پيش ڪيو.