بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت معاشي ترقي جي ??اءِ ڪاروبار دوست ۽ سيڙپڪاري ۾ سه??لت فراهم ڪرڻ جي ??اءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايسٽ سي گروپ جي چيئرمين فانگ يو لونگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي ??وقعي تي ساڻس وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ملاقات ?? نگران وزيراعظم وفد کي حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين بابت ٻڌايو. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت معاشي ترقي جي ??اءِ ڪاروبار دوست ۽ سيڙپڪاري ۾ سه??لت فراهم ڪرڻ جي ??اءِ قدم کڻي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت نجي شعبي جي حوصلا اف??ائ?? ڪري رهي آهي ۽ نجي شعبي کي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ??اءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ فانگ يو لونگ نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ته ايسٽ سي گروپ گوادر فري زون ۾ ريفائنري ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿيون. نگران وزيراعظم ايسٽ سي گروپ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ گوادر کي پاڪستان جي ??عاشي ترقي ۽ سي پيڪ جو اهم حص?? قرار ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين پراڻا دوست آهن ۽ چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي ??دد ڪئي آهي.