اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پوليو جو خاتمو اسان جو ديني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي، ان موذي مرض کا?? اسان کي پنهنجي ايندڙ نسل کي ب??ائڻ آهي، ملڪ کي پوليو کا?? پاڪ ڪرڻ جي عزم سان پوليو جي خاتمي جي جن?? کٽينداسين، پوليو ورڪرز اسان جا اصل هيروز آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن س??ي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم جي شروعات واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هن ٻارن کي پوليو کا?? بچاءُ جا ڦڙا پياري 5 ڏينهن واري قومي پوليو جي خاتمي واري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي. هن ان مهم دوران 5 سالن تائين جي عمر جي 4 ڪروڙ 40 لک کا?? وڌيڪ ٻارن کي پوليو جي خاتمي جا ڦڙا پياريا ويندا. ان قومي مهم ۾ ساڍا 3 لک پوليو ورڪرز حصو وٺي رهيا آهن، جيڪي اسان جا اصل هيروز آهن ۽ فرنٽ لائين ورڪرز آهن، حڪومت انهن سان گڏ بيهي پوليو جي خاتمي لاءِ جن?? پنهنجي عالمي حصيدارن سان وڙهي رهي آهي ۽ ان موذي مرض کا?? اسان جي ايندڙ نسل کي ب??ائڻو آهي، اهو اسان سڀني جو ديني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي. نگران وزيراعظم سمورن مڪتبه فڪر جي عالمن ??ي اپيل ڪئي آهي ته اهي ايندڙ نسل ??ي ان مرض کا?? بچائڻ جي مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ۽ الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول جي خوشنودي ۽ پنهنجي آخرت سنوارڻ جي لاءِ حڪومت جي مدد ڪن. هن چيو ته ان مهم ??ي اسان ??ي اهڙو مشن سمجهي پورو ڪرڻو آهي جنهن سان عالمي دنيا ۽ مسلمان امت جي اهڙي تصوير پيش ٿئي جنهن ۾ پنهنجي ٻارن جي حفاظت جي لاءِ ڀرپور عزم جو اظهار ٿئي ۽ انهي عزم سان پوليو جي خاتمي واري جن?? اسان ضرور کٽينداسين.