اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مذهبي هم آ??نگ?? کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي وڌيڪ متحرڪ ٿيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبلا اياز سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي قبلا اياز نگران وزيراعظم کي گ??يل قومن جي جنرل ??سيمبلي ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين نگران وزيراعظم کي ملڪ ۾ مذهبي هم آ??نگ?? جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن نگران وزيراعظم کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي مجلس عامله جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل ملڪ ۾ مذهبي هم آ??نگ?? ۽ امن امان برقرار رکڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ م مذهبي هم آ??نگ?? کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي وڌيڪ متحرڪ ٿيڻو پوندو.