اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽائي قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيد??ن تي لاڳو نه هوندي، سزائن ۾ گهٽتائي زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهار??ن تي به لاڳو نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن ۽ قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهار??ن تي به لاڳو نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي غيرملڪي ماڻهو ايڪٽ، 1946ع ۽ ??نش??ات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع تحت سزا يافته ماڻهن تي به لاڳو نه هوندي، 65 سالن کان وڌيڪ عمر جا مرد قيدي جيڪي پنهنجي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪا آهن، انهن تي لاڳو هوندي. 60 سالن کان وڌيڪ عمر جون عورت قيدي جيڪي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪيون آ??ن، انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. 18 سال کان گهٽ ??مر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي سزا جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي.