اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جاني خيل خودڪش حمل?? جي شهيدن جي پونئيرن س??ن ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ????و ۽ ملڪ جي لاءِ شهادت ماڻڻ تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر 21 آگسٽ تي بنون ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن س??ن ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر نائب صوبيدار صنوبر علي، حوالدار آفتاب احمد ۽ حوالدار محمد عارف جي پونئيرن س??ن تعزيت جو اظهار ??يو. هن حوالدار محمد عمران، سپاهي احمد علي، سپاهي محمد حسيب اڪبر جي وارثن س??ن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر عارف علوي سپاهي ذيشان نزاڪت، عبدالرشيد ۽ وارث عل?? جي پونئيرن س??ن به ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن کي سلام پيش ڪ??و ۽ انهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن شهيدن جي خاندانن س??ن همدرديءَ جو اظهار ????و ۽ صبر جي دعا ڪئي.