اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي س??ن سعودي حج ۽ عمره واري وزير ڊاڪٽر توفيق بن فوزان الربيعه ملاقات ڪئي جنهن ۾ صدر سعودي عرب سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سعودي عرب سان معيشت، سيڙپڪار?? ۽ ??قافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان – سعودي عرب لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ عوامي لاڳاپن تي ٻڌل آهن. صدر موجوده اقتصادي حصيداري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر سعودي عرب سان ٻطرفي واپار کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي، قابل تجديد توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. صدر هن سال حج جا بهترين انتظام ڪرڻ تي س??ودي عرب جي حڪومت جا ٿورا مڃ??ا. هن اميد ظاهر ڪئي ته سعودي حڪومت مديني ۾ منهدم ٿيندڙ ٻن پاڪستان هائوسز جي رقم سان مرڪزيه ۾ پاڪستان هائوس جي خريداري ۾ تيزي آڻيندي. صدر او آءِ سي جي ذريعي اهم مسلمان مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، فلسطين ۽ افغانستان تي مستقل حمايت تي س??ودي عرب ۽ ان جي قيادت کي س??راهيو. صدر ايران سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ تي س??ودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت کي س??راهيندي چيو ته مسلمان دنيا ۾ سعودي ولي عهد جي قيادت ساراهه جوڳي آهي. سعودي حج ۽ عمره واري وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا تمام گهڻا مضبوط آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سعودي عرب حاجين کي حج ۽ عمري جي لاءِ بهتر سهولتون فراهم ڪندو رهندو. صدر سعودي بادشاهه ۽ ولي عهد/ وزيراعظم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائڻ جو پڻ چيو. صدر پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ مالي امداد تي س??ودي عرب جا ٿورا پڻ مڃ??ا.