لاهور – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت عام ماڻهو کي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي، آذربائيجان ۽ ??اڪ??تان ??ي وچ ۾ ايل اين جي معاهدي سان گڏيل لاڳاپن جون نيون راهون کلنديون، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان ??ڄ هڪ اهم ڏينهن آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس لاهور ۾ ??اڪ??تان ۽ آذربائيجان ??ي وچ ۾ پيٽروليم صنعت ۾ تعاون جي معاهدي جي حوالي سان ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ جو ڏينهن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان هڪ اهم ڏينهن آهي، حڪومت ??اڪ??تان ??ذربائيجان ماهوار هڪ جهاز ايل اين جي خريد ڪندي، خريداري جو اختيار ??اڪ??تان وٽ هوندو، جنهن سان ??يل اين جي نه خريد ڪرڻ تي ڏنڊ نه لڳندو. ان معاهدي سان ملڪ ۾ سستي ايل اين جي ميسر هوندي ۽ اها انرجي جي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ تمام وڏي اڳڀرائي ثابت ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان معاهدي جو مدو هڪ سال تائين آهي جنهن کي وڌ??ڪ هڪ سال تائين وڌايو ويندو. هن چيو ته ان پيٽروليم معاهدي سان گذريل سال آذربائيجان ۾ الهام عليوف ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، پيٽروليم وارو سيڪريٽري ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ سندن ٽيم ان معاهدي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون آذربائيجان ??ي صدر ۽ ??اڪ??تان ۾ آذربائيجان ??ي سفير جا ٿورا مڃان ٿو جن ان معاهدي کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي سان ??جلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو جيتوڻيڪ حڪومت ان ??ضافي جو بار غريب ماڻهن تي نه وجهندي، 31 سيڪڙو گهريلو صارفين کي جزوي سبسڊي ڏني وئي آهي، بجلي جي 200 يونٽ تائين جي گهريلو صارفين تي قيمت ۾ اضافو لاڳو نه هوندو. ان موقعي تي آذربائيجان ??ي سفير چيو ته معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاسي اهي ۽ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي ۾ اضافي جي لاءِ اهم اڳڀرائي آهي. ان معاهدي سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌ??ڪ بهتر ٿيندا. هن وڌ??ڪ چيو ته اسان ??اڪ??تان ??ان وڌ??ڪ شعبن ۾ لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. ان کان ??ڳ ??اڪ??تان ۽ آذربائيجان ??ي وچ ۾ پيٽروليم واري صنعت ۾ معاهدي جي ڪاغذن تي صحيحون ڪيون ويون. پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، پيٽروليم واري سيڪريٽري، ??اڪ??تان ۾ آذربائيجان ??ي سفير، آذربائيجان ??ي پيٽروليم ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو سميت ٻيا به ان موقعي تي موجود هئا.