اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر س??طا?? محمود چوڌري، چئني صوبائي گورنرن، مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، خالد حسين مگسي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ايمل ولي خان ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي ٽيليفون ڪيو ۽ انهن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز ??ريف آزاد رياست ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر س??طا?? محمود کي ٽيليفون ڪري عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم هن لا??ِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀارتي رياستي دهشتگردي جو دليري ۽ ثابت قدمي سان مقابلو ڪرڻ تي بهادر ڪشميرين کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم آزاد ڪشمير جي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشميرين جي آزادي تائين پاڪستان طرفان هر ممڪن حمايت ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز ??ريف پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوه ۽ بلوچستانجي گورنرن کي به ٽيليفون ڪئي ۽ انهن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز ??ريف حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، خالد حسين مگسي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ايمل ولي خان کي ٽيليفون ڪيو ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ملڪي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم اتحادي پارٽين جي اڳواڻن کي مينجنگ ڊائريڪٽر آءِ ايم ايف سان ٿيل ڳالهه ٻولهه باب?? به آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز ??ر??ف چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي به ٽيليفون ڪئي ۽ عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم هٿياربند فوج جي پيشيواراڻه مهارت ۽ عسڪري تيارين بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.