لاهور – 27 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف معاشي صورتحال جي بهتري جا هدف گڏيل ڪوششن سان ح??صل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته آءِ ??يم ايف پروگرام جي نقطن تي هم آهنگي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آءِ ??يم ايف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪندي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف آءِ ??يم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا کي صبح سوير ٽيليفون ڪئي. وز??راعظم ۽ آءِ ??يم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آءِ ??يم ايف پروگرام جي حوالي سان معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آءِ ??يم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وز??راعظم سان پيرس ۾ ٿيندڙ ملاقاتن جي ڏس ۾ ناڻي واري وز??ر ۽ ان جي ٽيم جي آءِ ??يم ايف پروگرام مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان ڪوششن جو اعتراف ڪيو. وز??راعظم اميد ظاهر ڪئي ته آءِ ??يم ايف پروگرام جي نقطن تي هم آهنگي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آءِ ??يم ايف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪندي. وز??راعظم معاشي صورتحال جي بهتري جا هدف گڏيل ڪوششن سان ح??صل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آءِ ??يم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وز??راعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال جي بهتري چاهيون ٿا. هن وز??راعظم شهباز شريف جي قائداڻي عزم کي ساراهيو.