اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) پاڪستان ??ي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان ??ٿيل عالمي ڪنوينشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جمهوريت کي دنيا ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، انساني حقن ۽ معاشرن جي آزادي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداس??ن، قانونسازي کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين. ”منهنجو آئين منهنجي آزادي ??و ضامن“ جي نعري تي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين. ڪنوينشن جي پڄاڻي واري سيشن ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاهه پڌرائي پيش ڪئي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ان ??هم ترين عالمي ڪنونيشن ۾ سعودي ??رب، شام، ايران، ڪرغزستان، ازبڪستان، تنزانيه، برطانيه، آمريڪا سميت سڄي دنيا جي اهم ملڪن جي وفدن شرڪت ڪئي. ڪنوينشن ۾ اسان اتفاق ڪيو ته جمهوريت کي دنيا ۾ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪنداس??ن، اسان ??تفاق ڪيو ته جمهوريت، انساني حقن ۽ معاشرن جي آزادي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداس??ن، اسان قانونسازي کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين. ”منهنجو آئين منهنجي آزادي ??و ضامن“ جي نعري تي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين. هن ڪنوينشن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته اسان قانون جي حڪمراني، خودمختياري، عدليه جي آزادي لاءِ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداس??ن، انساني حقن ۽ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ بهتر انداز ۾ اڳتي وڌڻ تي پڻ اتفاق ڪريون ٿا. آئنده ايندڙ نسلن لاءِ آزاد، محفوظ ۽ پائيدار ترقي تي ٻڌل معاشرو جوڙيو ويندو. عالمي ڪنوينشن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو آهي ته آئين تحت ڏنل انساني حقن ۽ فلاح ۽ بهبود جو تحفظ ڪيو ويندو. برابري، انصاف ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ قدم کنيا ويندا.