اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان هن گڏي?? دلچسپي جي ٻطرفي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سي پيڪ سميت پاڪستان ۽ چين جي ٻين منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان ٽيليفون تي ٺوس ۽ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ گڏي?? دلچسپي جي ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چين جي قدمن کي ساراهي ٿو. وزيراعظم چيو ته هن چين جي بنيادي معاملن تي ان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ??هي ۽ پاڪستان جي لاءِ چين جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان سي پيڪ سميت پاڪ چين قدمن تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ۽ مون کي يقين ??هي ته چين جديديت طرف اڳڀرائي جا??ي رکندو.