اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته 10 اپريل 1973ع پاڪستا?? جي سياسي تاريخ جو نه وسارڻ جهڙو ڏينهن آهي جڏهن قوم کي پارلياماني، وفاقي ۽ اتفاق راءِ تي ٻڌل آئين سان نوازيو ويو، هن چيو ته پاڪستا?? جي ترقي ۽ خوشحالي جمهوري، وفاقي، اسلامي ۽ اتفاق راءِ تي ٻڌل آئي?? جي حقيقي روح جي لاڳو سان جڙيل آهي، هن وڌيڪ چيو ته اڄ جو ڏينهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي پختگي ۽ دانشمندي کي تسليم ڪرڻ جو ڏينهن آهي جنه?? جي سياسي دانش ان قوم کي 1973ع جي متفقه آئين سان نوازيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئي?? جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي آئيني يادگار جو پيڙهه جو پٿر، شهيد?? جي يادگار تي حاضري ۽ پارليامينٽ هائوس ۾ آئي?? جي تاريخ جي حوالي سان تصويري نمائش جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته اتفاق راءِ تي ٻڌل 1973ع جي آئي?? جي منظوري پاڪستا?? جي سياسي تاريخ جو همشه لاءِ ياد رکڻ جهڙو لمحو آهي. هن چيو ته آئين ۾ بيان ڪيل اصول اسلامي، وفاقي، جمهوري ۽ پارلياماني پاڪستا?? جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ هي اهي ئي اصول هئا جن جو خاڪو قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1948ع تي پاڪستا?? جي پهرين آئين ساز اسيمبلي کي پنهنجي پهرئين خطاب ۾ ڪيو هو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته هي سندس سياسي پختگي ۽ دانشمندي هئي جنهن قوم کي اهو مقدس دستاويز عطا ڪيو. هن چيو ته آئين قومي اتحاد ۽ سياسي اتفاق راءِ جو منفرد نمونو آهي جنهن تي عمل ڪري ئي ملڪ کي سياسي ، معاشي ۽ سماجي چئلينجز مان ڪڍي سگهجي ٿو. هن آئي?? جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته 10 اپريل کي 14 آگسٽ وانگر قومي ڏينهن طور ملهائڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستا?? جي آئيني يادگار جي تعمير هڪ انتهائي اهم ۽ مثبت قدم آهي. هن آئي?? جي يادگار جي تعمير لاءِ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ سندس پوري ڪميٽي جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته شاهراهه دستور تي ڊي چوڪ تي تعمير ٿيندڙ يادگار سان گڏ ”باغ دستور“ پڻ تعمير ڪيو ويندو. ان باغ جي تعمير سان نه رڳو شهرين کي هڪ خوبصورت تفريحي مقام ميسر ايندو پر اسلام آباد جي رهواسين لاءِ يادگار دستور جي سير جو جواز به فراهم ٿيندو. هن چيو ته آئي?? جي يادگار جي تعمير سان نوجوان نسل ۾ شعور اجاگر ٿيندو. هن چيو ته هي يادگار شاندار تاريخ ۽ انهن سياسي اڪابر?? جي عڪاسي ڪندي ج?? جي محنت ۽ سياسي بصيرت پاڪستان کي آئين سان نوازيو هن چيو ته هي واحد دستاويز آهي جيڪا وفاقيت، بامعنيٰ جمهوريت، اسلامي تشخص، انفرادي آزادي ۽ قانو?? جي حڪمراني جي عڪاسي ڪري ٿي. ان کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سڌ سماءَ واري وفاقي وزير ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ ٻين پارليامينٽ ميمبرن سان گڏ آئي?? جي بالادستي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ گمنام هيروز جي يادگار تي حاضري ڏني ۽ گل?? جي چادر چاڙهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ هائوس ۾ هڪ يادگاري ٽپال ٽڪيٽ، آئين ساز جي هر لمحي جي عڪاسي ڪندڙ تصويري نمائش، آئي?? جي اصل رسم الخط جي نمائش ۽ گولڊن جوبلي جي تقريب?? جي سلسلي ۾ ڪتاب?? جي نمائش جو پڻ افتتاح ڪيو.