اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ون??ورسٽي جي رٽائرڊ پروفيسر جي پينشن بابت وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي عالمي اسلامي ??ون??ورسٽي ۾ 14 سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيندڙ پروفيسر کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پينشن جو حصو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. صدر قرار ڏن?? ته پينشن ڪو انعام نه آهي پر ڊگهي ۽ مسلسل خدمتن تي حاصل ڪئي وڃي ٿي. ايوان صدرجي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌڻي ۾ ??ون??ورسٽي جي پروفيسر جي دعويٰ کي تسليم ڪيو ۽ ازالي جو يقين ڏياريو. صدر چيو ته قانون کان هٽي ڪري پينشن جي حق کان محرومي يا دير جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. پينشن محنت سان ڪمايو ويندڙ حق آهي جيڪو ملازم کي حاصل هوندو آهي. صدر فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2013ع جي فيصلي جو پڻ حوالو ڏن??. فيصلي ۾ سرڪاري ادارن ۽ آفيسرن جي پينشنري/ رٽائرمينٽ فائدن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ غيرضروري دير پيدا نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. فيصلي ۾ چيو ويو هو ته ڪا به خلاف ورزي ڏوهاري غفلت ۽ فرضن کان غفلت جي برابر هوندي. فيصلي ۾ چيو ويو هو ته پينشن معاملن ۾ دير عدالتي نوٽيس ۾ اچڻ تي لاڳاپيل کاتي جي سربراهه کي توهين عدالت جو ذميوار قرار ڏن?? ويندو. صدر چيو ته ??ون??ورسٽي وٽ پٺتي هٽڻ جو ڪو قانوني يا اخلاقي جواز نه آهي، انٽرنيشنل اسلامڪ ??ون??ورسٽي اسلام آباد محتسب جي فيصلي جي تعميل ڪري. پروفيسر ڊاڪٽر علي اصغر چشتي عالمي اسلامي ??ون??ورسٽي ۾ 14 سال بطور فيڪلٽي ??يم??ر خدمتون سرانجام ڏئي چڪو هو، پروفيسر چشتي قانون ۽ قاعدي موجب علامه اقبال اوپن ??ون??ورسٽي ۾ ملازمت اختيار ڪئي. 2020ع ۾ علامه اقبال ??ون??ورسٽي مان رٽائرمينٽ تي ??ون??ورسٽي کي پينشن شيئر جي منتقلي جي درخواست ڪئي. ??ون??ورسٽي پاران پروفيسر جي حق ۾ خط جاري ٿيڻ جي باوجود پينشن منتقل ن?? ڪئي وئي. انصاف جي لاءِ پروفيسر وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن پروفيسر جي حق ۾ فيصلو ڏن??. ??ون??ورسٽي حڪمن جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪري ڇڏي، جنهن کي رد ڪيو ويو. صدر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پينشن ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.