اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي دعوت تي خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي ايوا?? صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي جنهن ۾ عام چونڊون منعقد ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوا?? صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دورا?? صدر ۽ گورنر آئين جي آرٽيڪل 224 (2) ۽ پهرين مارچ جي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ اليڪشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مشورو ڏنو ته گورنر اليڪشن ڪميشن سان ??شا??رت کانپوءِ چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد ڪري?? اٽڪل 2 هفتا گذري ويا، مُشڪلاتن کان بچڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ??ونڊن جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي. صدر آئين جي پاسداري ۽ مقرر مدي جي اندر عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته مقرر وقت ۾ چونڊون آئين لازمي قرار ڏنيون، سپريم ڪورٽ توثيق ڪئي آهي، مقرر وقت ۾ چونڊون ملڪ ۾ پارلياماني جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهن.