اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان تنزانيه ۾ پا??ست??ن جي نامزد هاءِ ڪمشنر سراج احمد خان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ٻ??رف?? مفاد جي لاءِ پا??ست??ن ۽ تنزانيه جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پا??ست??ن تنزانيه سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پا??ست??ن تنزانيه سان معاشي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ س??حي سياسي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت آهي. صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي تنزانيه جي ادارن جي سگهه ۾ اضافي جي لاءِ پا??ست??ن پاران تعاون وڌائڻ جي هدايت ڪئي. پا??ست??ن تنزانيه کي سفارتڪاري، بئنڪنگ، ريلوي ۽ پوسٽل خدمتن ۾ تعاون فراهم ڪري رهيو آهي. صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي تنزانيه ۾ رهندڙ پا??ست??نين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته نامزد هاءِ ڪمشنر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطا ۽ واپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري، تنزانيه جا شاگرد پا??ست??ن جي گهٽ قيمت واري ورچوئل تعليمي پروگرام مان فائدو کڻي سگهن ٿا، پا??ست??ن جي ورچوئل يونيورسٽي ۾ اڳ ۾ ئي اٽڪل 8 هزار غيرملڪي شاگرد ورچوئل تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سراج احمد خان کي تنزانيه ۾ ه??ءِ ڪمشنر مقرري تي مبارڪباد پڻ ڏني. صدر تنزانيه سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪم جي هدايت پڻ ڪئي.