اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزير??عظ?? پاڪستان جي سمورن لاڳاپيل ادارن جي مڪمل تياري سان يو اي اي جي دوري تي وڃي رهيو آهي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پنهنجي ٻن ڏينهن جي يو اي اي جي دوري جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ وسيع موقعا موجود آهن جن جو ٻنهي ملڪن کي ڀرپور فائدو کڻڻ گه??جي. وزير??عظ?? گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي سڀاڻي خميس کان ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي. دوري دوران ٻطرفي گڏيل معاشي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ وزير??عظ?? اماراتي اڳواڻن، واپارين ۽ سيڙپڪارن سان ملاقاتون ڪندو.