اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوئيٽا جي ڀر وا??ي علائقي بليلي ۾ پوليو مهم دوران ڊيوٽي تي موجود پوليس جي گاڏي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سماج دشمن ??نص??ن ??ي پوليو جي مڪمل خاتمي جي مشن ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ ڏينداسين. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڌماڪي ۾ ٻار ۽ پوليس اهلڪا?? جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته ٻار سدائين قيمتي قومي اث??ثو ۽ مستقبل آهن، پاڪستان جي ٻارن ??ي پوليو جهڙي بيماري کان محفوظ رکڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. صدر ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. صدر چيو ته سماج دشمن ??نص??ن ??ي پوليو جي مڪمل خاتمي جي مشن ۾ رڪاوٽ وجهڻ نه ڏينداسين. هن پوليو جي خاتمي لاءِ هيلٿ ورڪرز ۽ پوليس جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ شهيد ٿيندڙن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.