اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اتحادي حڪومت جي مشڪل فيصلن جي ڪري ملڪ ڪنگال ٿيڻ جي خطري مان نڪري چڪو آهي، پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت غلط معلومات پکيڙي بي بنياد ٻڏتر واري ڪيفيت پيدا ??رڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪومت ملڪي معيشت کي مستحڪم ??رڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري عالمي انويسٽمينٽ بئنڪنگ اينڊ ڪيپيٽل مارڪيٽس فرم جيفريز (Jefferies) جي وف?? سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وف??قي وزير اسحاق ڊار پڻ شريڪ هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اتحادي حڪومت سياسي قيمت جي پرواهه ??رڻ کانسواءِ ملڪ کي گذريل چئن سالن جي نااهلين جو ڪِيتو لوڙڻ کان بچائي ورتو آهي جڏهن ته مهانگائي کي گهٽ ??رڻ ۽ عام ماڻهو جي ريليف جي لاءِ پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آ??ي. هن چيو ته حڪومت ٻاهريون واپاري خسارو گهٽ ??رڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آ??ي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آ??ي. وزيراعظم جيفريز جي وف?? جي آجيان ڪئي ۽ ان کي پاڪستان ۾ پنهنجي آ??يس کولڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي وف?? وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز جو موثر مقابلو ڪري ملڪ جي معاشي استحڪام جي رخ گامزن ٿيڻ کي خوش آئنده قرار ڏنو.