اسلام ??باد– 11 – نومبر (اي پي پي) اسلام ??باد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جس??س عامر فا??وق اسلام ??باد هاءِ ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي کانئس حلف ورتو. حلف برداري جي پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيئر ججز، اعليٰ سرڪاري آفيسرن، قانوني برادري جي ميمبرن، سول سوسائٽي جي ناليوارين شخصيتن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 175 اي (13) تحت سينيئر جج جس??س عامر فا??وق جي چيف جسٽس اسلام ??باد هاءِ ڪورٽ طور مقرري جي منظوري ڏني. جس??س عامر فا??وق لنڊن يونيورسٽي برطانيا مان تعليم حاصل ڪئي آهي. هن 1993ع ۾ لنڪنزن لنڊن مان بيري??ٽر ايٽ لاء جي ڊگري حاصل ڪئي، هو 1994ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايڊووڪيٽ ۽ 2007ع ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ايڊووڪيٽ طور انرول ٿيو. صدر جي منظوري کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت جس??س عامر فا??وق جي اسلام ??باد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حيثيت سان مقرري جو نوٽيفڪيشن خميس ڏينهن جاري ڪيو هو.