اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف پهرين ۽ ٻه نومبر تي چين جو دو??و ڪندو. وزيراعظم کي ان دو??ي جي دعوت عوامي جمهوريه چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ڏني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هلندڙ سال اپريل ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم مح??د شهباز شريف جو چين جو پهريون دو??و هوندو. وزيراعظم 16 سيپٽمبر 2022ع تي ازبڪستان ۾ چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي هئي. چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخي ويهين نيشنل ڪانگريس جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم چين جو دو??و ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. بيان موجب وزيراعظم جو دو??و پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ قيادت جي سطح جي دو??ن جي تسلسل جو اظهار آهي. وزيراعظم چين جي دو??ي دو??ان صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم مح??د شهباز شريف جي دو??ي دو??ان ڌريون گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون جي حصيداري جو جائزو وٺندي??ن ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان دو??ي ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون متوقع آهن. جڏهن ته وسيع پئماني تي ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۽ سي پيڪ جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي جي 27 آڪٽوبر تي ٿيندڙ 11 هين اجلاس جي ڏس ۾ سي پيڪ منصوبي تي تعاون جي رفتار کي مستحڪم بڻائڻ جي به اميد آهي.