اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام حيدر عليوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ آذربائيجان پاران پا??ستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراخدلاڻي امداد تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آذربائيجان پاران 2 ملين ڊالر جي امداد جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پا??ستان چوماسي دوران معمول کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ برساتن جي ڪري شديد ترين ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي جاني نقصان سان گڏوگڏ ماڻهن جي ذرائع معاش ۽ انفراسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. ان جي نتيجي ۾ متاثر ماڻهن ??ي امداد جي فراهمي ۽ انهن ??ي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ جون ڪارروايون تمام محدود رهيون آهن. وزيراعظم توانائي سميت ??خت??ف شعبن ۾ آذربائيجان سان پا??ستان جي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي پنهنجي پڪي عزم کي ورجايو. پا??ستان ۽ آذربائيجان گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ اي سي او جهڙن عالمي فورمن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. آذربائيجان او آءِ سي جي ڄمون ڪشمير بابت رابطا گروپ جو هڪ اهم ميمبر اهي. ٻنهي ملڪن جي عوام ديني ۽ ثقافتي وابستگي ۽ گهري تاريخي رشتن ۾ ٻڌل آهي.