اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي غير قانوني، غير اخلاقي ۽ غير آئيني قدمن جي مذمت ۽ ڀا??تي فوجي گهراءُ جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي جمعي تي استحصال جو ڏهاڙو ملهايو ويندو. حڪومت استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ سيمينار ۽ ڪانفرنسن سميت ڪيترن ئي پروگرامن جو اھتمام ڪيو آهي. جڏهن ته ڪشميرين جي حمايت ۾ سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڊيون وينديون، جنهن ۾ هر طبقي جا ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندا. سڄي قوم پنھنجي ڪشميرين ڀا??رن کي اهو پيغام ڏيندي ته پاڪستاني عوام انهن جي خودمختياري واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀا??تي فوج جي ظلم جي خلاف هميشه انهن سان گڏ بيٺل رهندا. لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ آباد ڪشميري به 5 آگسٽ 2019 جي ڀا??ت جي خلاف غير آئيني قدمن جي مذمت جي لاءِ يوم استحصال ملهائيندا. ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين جا ڪارڪن ريليون ۽ ٻين سرگرمين جي ذريعي والاريل ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف ڀا??تي رياستي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. سول سوسائٽي جون تنظيمون سيمينارن ۽ ٻين پروگرامن جو به اهتمام ڪنديُون. يوم استحصال جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ من?? جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. ٽريفڪ کي هڪ من?? جي لاءِ روڪيو ويندو ۽ سائرن وڄايا ويندا. هڪ من?? جي خاموشي کان پوءِ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلن تي پاڪستان ۽ آزاد جمون ۽ ڪشمير جا قومي ترانا وڄايا ويندا. ان کان پوءِ اسلام آباد ۽ صوبائي گادي واري هنڌن جي اهم روڊن تي ڪشميرين جي حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوجين پاران ٿيندڙ ظلم ??ي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پوسٽر لڳايا ويا آهن. 5 آگسٽ 2019 تي مودي جي قيادت هيٺ ڀا??تيه جنتا پارٽي جي حڪومت ڀا??تي آئين ج?? آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو هو، ان قانون جي تحت ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني وئي هئي.