اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ا??ڪيل ريگيولرائيزيشن جو مسئلو تمام پراڻو آهي، اهو رڳو اي پي پي جو مسئلو نه آهي پر سمورين ڪارپوريشنز جو آهي، ان تي حڪومت پاليسي تحت فيصلو ڪندي. وفاقي وزيرن سان گڏ وفاقي ڪابينا جي ا??لاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اي پي پي ملازمن جي ا??تجاج جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اي پي پي ملازمن جي پي ا??ڪيل ريگيولرائيزيشن جو مسئلو تمام پراڻو آهي، اهو رڳو اي پي پي جو مسئلو نه آهي پر سمورين ڪارپوريشنز جو آهي، ان تي حڪومت پاليسي تحت فيصلو ڪندي. هن چيو ته اي پي پي ملازمن جي ڊسپيريٽي الائونسز جي مسئلي تي اطلاعات واري سيڪريٽري هن وقت ناڻي واري سيڪريٽري وٽ موجود آهي، جيئن ئي نوٽيفڪيشن ٿيندو اطلاعات واري سيڪريٽري ا??تجاجي ملازمن وٽ ويندي ۽ اعلان ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اي پي پي ملازمن جي ڊي پي سي جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي، ان تي فوري عملدرآمد ڪرايو ويندو. هن چيو ته اي پي پي ۾ پلاٽس جي ڪوٽا سسٽم تي پاليسي موجب فيصلو ٿيندو.