اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته وزيراعظم پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي ??ان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ??ي خلاف ايف آءِ اي جي سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست جو سختي سان نوٽيس وٺندي چيو ??هي ڄاڻايل پٽيشن فوري طور تي واپس ورتي وڃي ٿي جيڪا حڪومتي پاليسي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي اصول جي خلاف آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم ۽ مون کي ڪجهه ??ير اڳ خبر پئي ته ايف آءِ اي پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي ??ان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ??ي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ??هي ته جيئن ايڪٽ جي سيڪشن 20 کي بحال ڪيو وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته ڄاڻايل پٽيشن حڪومت جي پاليسي ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي اصول جي خلاف ??هي?? تنهن ڪري ان کي واپس ورتو وڃي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم درخواست داخل ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس ورتو ??هي?? بدقسمتي سان درخواست داخل ٿيڻ جي خبر اسان تائين پهچڻ ۾ ٿوري ??ير ٿي ڇو ته اسان ٻنپهرن جي وقت بشام ۾ هئاسين جتي ڪي موبائيل سنگل نه هئا.