اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف افعانستان جي 10 صوبن ۾ ٻوڏ، قيمتي جانين ۽ مالي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ افغان عبوري حڪومت ۽ عوام سان يڪجهت?? جو اظهار ڪندي فوت ٿيندڙن جي خاندانن ۽ ٻين متاثرين سان همدرد?? جو اظهار ڪيو آهي، عالمي برادري افغانستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان عوام جي هنگامي امداد جي لاءِ اڳتي وڌي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم افعانستان جي ٻوڏ متاثرين سان همدرد?? جو اظهار ڪندي عالمي برادري ۽ او آءِ سي افعان هيومنٽرين ٽرسٽ جي فورم تان متاثر افغان عوام جي مدد جي ڪ??شش?? کي تيز ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ اڳ ۾ جاري انساني بحران ۾ وڌيڪ شدت اچڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته وقت سر قدم نه کنيا ته جاني نقصان وڌڻ جو خطرو آهي جنهن جي لاءِ فوري هنگامي قدم گهربل آه??. و??يراعظم شهباز شريف چيو ته خوراڪ، طبي امداد، بي گهر ماڻهن کي پناهگاهن جي فراهمي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون افغانستان جي مدد جو پروگرام شروع ڪن. هن چيو ته افغانستان جي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ افغان عوام سان گڏ آهيون، هر ممڪن امداد ڪنداسي??. و??يراعظم لاڳاپيل عملدارن کي افغانستان جي ٻوڏ متاثر عوام کي امداد جي فراهم?? جو پڻ حڪم ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان متاثرين جي لاءِ هنگامي امداد موڪلي رهيو آهي. وزيراعظم فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.