اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب و??ير??عظم شهباز شريف جي ٻن هفتن جي ڪارڪردگي جو جائزو پيش ڪري ڇڏيو، اٽو، کنڊ ۽ گيهه جي ستايل عوام کي سستي شين جي فراهمي شروع ٿي چڪي آهي، و??ير??عظم شهباز شريف کنڊ جي قيمت 85 روپيا کان گهٽ ڪري 70 روپيا، 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهي جي قيمت 550 روپين کان گهٽ ڪري 400 روپيا ڪري ڇڏي هئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته چئن سالن ۾ مهانگ??ئي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچ??ئي وئي هئي جنهن ۾ آهستي آهستي لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته و??ير??عظم شهباز شريف ٻن هفتن ۾ اهي ڪم ڪيا جيڪي عمران خان چئن سالن ۾ سوچي به نه سگهيو. هن چيو ته و??ير??عظم ٻن هفتن ۾ بجلي جا بند پيل 27 مان 20 پيداواري يونٽس کي فعال ڪيو، بجلي جا ڪارخانه هلائڻ لاءِ تيل ۽ گئس جي فراهمي لاءِ رڪارڊ قدم کنيا ويا. هڪ سال جي فني خرابين جي ڪري بند پيل ڪارخانا وري بحال ٿيڻ لڳا آهن، هن چيو ته چئن سالن کان بند اسلام آباد ميٽرو جو منصوبو چئن ڏينهن ۾ شرو?? ڪيو. هن چيو ته نيو اسلام آباد هو??ئي اڏي کان ميٽرو کي موٽروي ۽ فيض آباد سان جوڙڻ، بهاره ڪهو ۽ روات تائين توسيع ڏيڻ جي فزيبلٽي جي تياري شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته موٽر وي تي ميٽرو جو اسٽيشن بڻائڻ جو قدم کنيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ديامرڀاشا ڊيم تي ڪم جي رفتار وڌائي، ڊيم کي 2029ع بدران 2026ع ۾ مڪمل ڪرڻ جي نئين ڊيڊ لائين رکي، مقامي آبادي جي لاءِ بهترين ۽ جديد علاج لاءِ اسپتال جي فزيبلٽي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هن چيو ته و??ير??عظم شهباز شريف خضدار ڪچلاڪ شاهراهه کي ٻن کان چائن ڦاڪن ۽ وري ايندڙ مرحلي ۾ ڇهه ڦاڪن واري ڪرڻ لاءِ سيڪشن هڪ ۽ 2 جو پيڙهه جو پٿر رکيو. ان کانسواءِ و??ير??عظم بلوچستان جي نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي سڀ کان جديد ترين ٽيڪينڪل يونيورسٽي جي منصوبي جو اعلان ڪيو، و??ير??عظم شهباز شريف راولپنڊي، اسلام آباد، لاهور، ملتان، ڪراچي وانگر ڪوئيٽا ۾ به ميٽرو سروس جي فزيبلٽي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، و??ير??عظم شهباز شريف بلوچستان جي غريب ترين پنج ??ک ماڻهن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو.