ڪراچي – 05 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي پر ڳالهه ٻو??هه ذريعي ئي پائيدار امن قائم ڪرڻ ۽ مسئلن جو حل ممڪن آهي. اها ڳالهه هن ڪراچي ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ۾ شاگردن کي خطاب ڪ??دي چئي. صدر چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي، روس ۽ يوڪ??ين جي وچ ۾ تڪرار کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته په??ين ۽ ٻي عظيم جنگ ۾ لکين ماڻهن پنهنجون جانيون قربان ڪيون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جي اچڻ کانپوءِ ڪا به جنگ دنيا جي بقاءَ لاءِ خطري جو سبب ٿي سگهي ٿي. آءِ بي اي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اڪبر زيدي چيو ته ڳالهه ٻو??هه جي رجحان جي فروغ لاءِ سندن ادارو ميونڪ جي نالي سان هر تقريب منعقد ڪري ٿو جنهن ۾ ٻاهرئين ملڪ مان به شاگرد حصو وٺن ٿا. آءِ بي اي جي ڊائريڪٽر هما بقائي چيو ته ملڪن جي وچ ۾ تڪرارن جي فوري حل سان ئي پائيدار امن کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.