اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ عام چونڊن ??ان اڳ ملڪ ۾ نئين آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ??هي، ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو ??هي ته آدمشاري ايندڙ چونڊن ??ان اڳ ٿيندي، آدمشماري لاءِ سڀئي وس??لا فراهم ڪيا ويندا. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد جي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ??ه آدمشماري هڪ ڊگهو عمل آهي، مالي سال 22 -2021ع ۾ شروعاتي مرحلي لاءِ پنج ارب روپين جي رقم مختص ڪئي وئي آهي، ان رقم ۾ صوبن کي پنهنجو حصو وجهڻو آهي، ڇاڪاڻ جو وفاق ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي خرچ برداشت ڪنديون، آدمشماري لاءِ فنڊن ۾ گهٽتائي نه ٿيندي، هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير ٻڌايو ??ه پاڪستان جي جي ڊي پي جي قرض جو تناسب 60 سيڪڙو ??ان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي. اهو 2020ع ۾ 87.6 سيڪڙو هو جڏهن ته مارچ 2021ع جي آخر ۾ 79.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو.