اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? ڀارتي فورسز پاران سي?? علي ??يل??ني مرحوم جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ شرمناڪ قدم آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڳ ۾ 92 سالا سي?? علي ??يل??ني جيڪو محترم ترين ۽ بااصول ڪشميري اڳواڻن مان هڪ آهي جي ميت کسڻ ۽ پوءِ ان جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس ٺاهڻ نازين کان متاثر آر ايس ايس – بي جي پي سرڪار جي هٿان هندستان جي سفاڪيت جو هڪ ٻيو شرمناڪ مٿال آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ ڀارتي اخبار ٽائيمز آف انڊيا جي خبر پڻ شيئر ڪئي آهي، خبر موجب غيرقانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي پوليس سي?? علي ??يل??ني جي تدفين جي موقعي ت?? ڀارت مخالف نعرا لڳائڻ ۽ مرحوم جي ميت کي پاڪستاني جهندي ۾ ويڙهڻ تي سي?? علي ??يل??ني جي گهرڀاتين ۽ ٻين ماڻهن جي خلاف بڊگام پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر داخل ??را??ي ڇڏي آهي.