اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصي??ار آهي، يو اي اي ۾ 16 لک پاڪستاني رهندڙ آهن جيڪي ٻاهرئين م??ڪ پاڪستانين جي ٻي وڏي محفوظ جڳهه آهي، يو اي اي ڪوويڊ کانپوءِ سڀ کان وڏو ايونٽ ايڪسپو 2021ع منعقد ڪرڻ وڃي رهيو آهي جنهن تي ان کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. اها ڳالهه هن گڏيل عرب امارات جي سف??ر حماد عبيد ابراهيم الزابي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دبئي ۾ ٿيندڙ ايڪسپو 2021ع ۾ هن ڀيري پنهنجي طرز جو هڪ منفرد پاڪستاني پويلين هوندو، واپار واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت ان ايڪسپو ۾ شرڪت جي لاءِ ڀرپور تياري ڪري رهي آهي. خطي جي صورتحال بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خطي جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي مخلصاڻي ڪوششون ڪيون. هن چيو ته ڪابل مان پرڏيهي شهرين جي انخلا ۾ اسان جي ڪر??ار کي پوري دنيا ساراهيو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ ۾ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جو ڪر??ار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. ان م??قعي تي يو اي اي جي سف??ر چيو ته گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ استحڪام جي لاءِ اڻٿڪ ڪر??ار ادا ڪيو جيڪو ساراهه جوڳو آهي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ، افغانستان ۽ خطي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ٿي.