اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي، ماضي ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسند?? کي پاڪستان سان ڳنڍيو ويندو هو، هاڻي اسان جديد ٽيڪنالاجي رکندڙ مصنوعات برآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي چڪا آهيون، ايڪسپو دبئي 2020ع پاڪستان جي تمام گهڻن لڪل خزانن کي دنيا آڏو ظاهر ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي، پاڪستان ??ويلين ذريعي ملڪ جو مثبت ۽ ترقي پسنداڻو تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي، هي پاڪستان جي ل??ءِ هڪ عظيم موقعو آهي ته اهو دنيا جي آڏو هڪ شفاف ۽ تيزي سان ترقي ڪندي ملڪ جي وسيع امڪانن کي پيش ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو ا??هار هن مقامي هوٽل ۾ ايڪسپو 2020ع دبئي جي ل??ءِ پاڪستان ??ويلين ۽ ان جي لوگو جي رونمائي واري تقريب کي خاص مهمان جي حي??يت سان خطاب ڪندي ڪيو.