اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته ج??من?? سان پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل جمهوري قدرن ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل ??هن، پاڪستان خطي جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي ميڊيا کي آزادي حاصل آهي، ج??من?? جي فلم ساز ۽ ڊرامه پروڊيوسرز پاڪستان اچن ۽ ڪئميرا جي اک سان هماليه سلسلي جي خوبصورتي دريافت ڪن. اها ڳالهه هن ج??من?? جي سفير برن هارڊ اسٽيفن شليگ هيڪ سان ڳالهائيندي چئي، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. هن فلم ۽ جوائنٽ پروڊڪشن جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ج??من?? جي فلم ۽ ڊرامه پروڊيوسرسز ايسوسيئيشنز سان زوم ميٽنگ جي انعقاد جي تجويز ڏني، هن چيو ته پاڪستان ان پهرين ايشيائي ملڪن ۾ شامل آهي جنهن ج??من?? سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا، هن چيو ته علامه اقبال جا ج??من?? سان لاڳاپا ۽ هيڊلبرگ جي باري ۾ سندس شاعري کي اجاگر ڪرڻ بابت وڊيو فلم جي حوالي سان پرڏيهي وزارت جي تجويز جوائنٽ پروڊڪشن ۽ دستاويزي فلمن جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه بخشيندي.