اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح هيٺين طبقي ??ي مالي مدد سان گڏوگڏ انهن کي روزگار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪامياب پاڪستان پر??گرام جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، خاص مددگار وقار مسعود، عثمان ڊار، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿا??ٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور ع??ي حيدر، حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا، پنجاب بئنڪ جي صدر ظفر مسعود، سميت لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪامياب جوان پر??گرام تحت ڪامياب ڪاروبار، ڪامياب آبادگار، ڪامياب هنرمند پر??گرام، گهٽ لاڳت واري رهائشي اسڪيمن ۽ ڪامياب پاڪستان هائوسنگ لاءِ هول سيل ليڊنگ کي هڪ پر??گرام ڪامياب پاڪستان پر??گرام ۾ شامل ڪرڻ تي بريفنگ ڏني وئي.