اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ کان اڳ احساس ڪير بکيو نه سمهي پروگرام کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وڌيڪ ٽن شهرن تائين سگهه ڏيڻ جو اعلان اڄ ڪن??و. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب احساس ڪير بکيو نه سمهي پروگرام ذريعي انهن مزدورن، ڏهاڙي تي ڪم ڪن??ڙن ۽ گهٽ اجرت ورڪرن کي مفت کاڌو ورهايو ويندو جيڪي احساس پناهگاهن ۽ لنگرخانن تائين پهچي نه ٿا سگهن. ورچوئل افتتاحي تقريب ?? وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن ۽ پارليامينٽرين سان گڏ فيصل آباد، لاهور ۽ پشاور ۾ ڪيترين ??رڪ ڪچنز ذريعي، احساس ڪير بکيو نه سمهي پروگرام تحت کاڌي جي مفت فراهمي جي سروس جو افتتاح ڪن??و. ان پروگرام تحت هر ??رڪ مخصوص سروس پوائنٽس تي روزانو 1500 کان 2000 ماڻهن کي ??اڌو ورهائيندي. کاڌي جي تياري ۽ فراهمي ??رڪ ڪچن تان ئي ٿيندي. وزيراعظم احساس تحت 10 مارچ 2021ع تي راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪن??ڙن کي ??ينهن ۾ به ڀيرا مفت کاڌي جا دٻا ڏيڻ جي لاءِ ??رڪ ڪچن جي تصور سان ڪير بکيو نه سمهي پروگرام شروع ڪيو ويو هو. جنهن تحت 37827 ماڻهن کي ??اڌو ورهايو ويو آهي. جنهن کي هاڻي وڌيڪ ٽن ضلعن تائين سگهه ڏني پئي وڃي.