اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظ?? جي هدايتن موجب احساس پروگرام هلندڙ ٽن مهينن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ 11 پن??هگاهن (شيلٽر هوم) جو افتتاح ڪيو آهي جنهن ۾ 5 پن??هگاهون ڪراچي ۾، 4 بلوچستان جي ضلعن ڪوئيٽا، قلعه عبدالله، گوادر ۽ لسٻيله ۾ جڏهن ته هڪ هڪ پن??هگاه گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي ضلعن اسڪردو ۽ مردان ۾ تربيتوار قائم ڪيون ويون آهن. ضرورت موجب وڌ کان وڌ مزدورن تائين رسائي لاءِ اهي پن??هگاهون گهٽ آمدني وارن ۽ پن??هگير مزدورن جي رهائشي علائقن ۾ قائم ڪيون ويون آهن، پن??هگاهن جو تصور وزيراعظ?? جي بي وس ۽ لاچار ماڻهن کي سهولت ۽ انهن جي وقار کي برقرار رکڻ جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو. پن??هگاهون ماڻهن کي موس?? جي شديد صورتحال ۽ سردي ۽ گرمي کان محفوظ رکن ٿيون، گذريل سال آگسٽ ۾ وزيراعظم غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن کي پن??هگاهن جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ذميداري سونپي هئي، ان کانپوءِ ڪم کي تيزي سان ڪيو ويو ۽ هڪ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو جنهن تحت اسلام آباد ۾ سمورين پن?? پن??هگاهن جي معيار کي اپ گريڊ ڪيو ويو، غربت جي خاتمي ڊويزن پاليسي فريم ورڪ تيار ڪيو ۽ پاڪستان بيت المال کي ان تي عملدرآمد جي ذميداري سونپي وئي، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن مان جاري پريس رليز موجب وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته اهي پن??هگاهون هڪ بيڊ ۽ ناشتي جي سهولت سان کاڌو، ضروري سامان، صفائي سٿرائي ۽ تحفظ فراهم ڪنديون آهن ۽ هر پن??هگاه ۾ 500 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي مفت کاڌو ۽ رات جي قيام لاءِ 100 بسترن جي سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي.