اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر عوام کي اپيل ڪ??ي آهي ته اها ڪورونا وائرس جي وبا کان بچاءُ جي لاءِ سمورن قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد ڪر?? ڇو ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي موجوده ٽئين ??هر گذريل لهر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حياتي کسيندڙ آهي. هن چيو ته ڪورونا کان متاثر ماڻهن ۾ بيماري جون علامتون ظاهر ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳن ٿا. ڪورونا وائرس جي ويڪسينيشن جي موث?? هجڻ بابت افواهن کي رد ڪندي اسد عمر چيو ته ماڻهن کي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين ??ڳرائڻ گهرج?? ڇو ته برطانوي طرز جي وائرس جي لهر اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آساني ۽ تيزي سا?? پکڙجي رهي آهي.