اسلام آباد -26 جنوري (اي پي پي) نجڪاري واري وفا??ي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت هيٺ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) ج?? نجڪاري/ بحالي جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو. نجڪاري واري وزارت طرفان جاري تفصيلن مطابق اجلاس ۾ وزيراعظم جي توانائي بابت مشير ت??بش گوهر، چيئرمين نيپرا، سيڪريٽري پاور ، سيڪريٽر?? نجڪاري ۽ وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. واضح رهي ته ويجهڙائي ۾ ڪابين?? جي نجڪاري ڪميٽي ۽ ڪابين?? جي توانائي بابت ڪميٽي ڊسڪوز جي حوالي سان لاڳاپيل وزارتن ج?? نجڪاري لاءِ سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي هئي.